تاريخ ڳالهائي ٿي

تاريخ ڳالهائي ٿي

تاريخ ڳالهائي ٿي

تاريخ ڳالهائي ٿي (ڪتاب ):هي ڪتاب ناليواري دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي 38 ڪالمن تي مشتمل آهي، جيڪي روزاني عوامي آواز ، جاڳو ۽ سنڌ سجاڳ ۾ شايع ٿيا هئا. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالم، بين الاقوامي توڙي سنڌ جي موضوعن تي وڏي بيباڪيءَ سان لــکيا ويــا آهن. ســوڀو گيانچنداڻي پنهنجي پيش لفظ ۾ لکي ٿو: ”هنن ڪالمن ۾ مون اڪثر پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ امنگ کان ڪم ورتو آهي. نه ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي رٿون پيش ڪيون اٿم، ممڪن آهي اسان جا حاڪم حلقا ۽ منهنجا دانشور، دوست ناپسند به ڪندا، پر جيڪي ڪجھه لکيو اٿم، سو بلڪل ايمانداريءَ سان لکيو اٿم.“سنڌي ساهت گھر حيدرآباد پاران، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1994ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 138 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 45 روپيا آهي.


لفظ تاريخ ڳالهائي ٿيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو